اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان کي قومي جذبي، اتحاد ۽ ٻڌي سان هڪٻئي جو احساس ۽ خيال رکڻو آهي، سلام پيش ڪريون ٿا انهن ڊاڪٽرن، نرسن ۽ طبي عملي ک?? جن جي جذبي سان خدمت جي عظيم مثال بڻجي رهيا آهن، حڪومت پنهنجي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا عوام جي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ پوري جذبي سان ??م ڪري رهيا آهن.