اسلام آباد – پهرين جون (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون ايس او پيز سان سياحت جو شعبو کولينديون، اسان يورپ ۽ چين جهڙي لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، مون جهڙي طرح جو لاڪ ڊائون چاهيو پئي اهڙو نه ٿيو، اسان جي ملڪ ۾ 25 سيڪڙو ما??هو غربت جي لڪير کا?? هيٺ آهن، ڪورونا وائرس جي صورتحال جا اثر اسان جي معيشت تي پيا آهن، ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، رو??نگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو به گهٽ ٿيو آهي، سيڙپڪاري به رڪجي وئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا کي وڌيڪ وڌڻو آهي ۽ موت جي شرح ۾ به اضافو ??ين??و، ڪورونا وائرس جي اثرن کا?? بچڻ جي لاءِ ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ويڪسين جي تياري تائين اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کا??پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ رو??اني جي بنياد تي اجلاس ٿي رهيا آهن، ڪورونا جي پاڪستان ۾ موجودگي کا??پوءِ فوري طور تي اين سي سي جو اجلاس طلب ڪيو، پاڪستان جون حالتون چين ۽ يورپ کا?? مختلف آهن، پاڪستان ۾ 5 ڪروڙ ما??هو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.