اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور ۽ غربت جي شڪار ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميداري ۽ اولين ترجيح آهي، حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته سب??ڊي جي نظام کي موثر، شفاف ۽ هدفن موجب بڻايو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيل رقم جو بهترين استعمال ٿئي. هو هتي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ??بقن کي ضروري شين جي مد ۾ حڪومتي سب??ڊي جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجل??س جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري، نادرا چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.