اسلام آباد-28 سيپٽ??بر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان برادرن ناتن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿ??، عبدالله عبدالله جي دؤري سان پاڪ افغان ٻه طرفن ناتن ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. دؤرو ٻه طرفي واپاري ناتن کي وڌائڻ جي حوالي سان ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) لاءِ ڳالهين ۽ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جو عمل جلد شروع ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق شاهه محمود قريشي ۽ افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ٿي.