اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چين سان پاڪستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته هر آزمائش تي پورو لهندڙ تزويرات?? تعاون تي ٻ??ل اسان جي حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، چين جي بنيادي قومي مفا??ن جي سلسلي ۾ پاڪتسان ان جي حمايت جاري رکندو، عوامي جمهوريه چين جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني وزيراعظم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته هو حڪومت پاڪستان، عوام ۽ پنهنجي پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو، هن چيو ته پهرين آڪٽوبر 1949ع تي نئين چين جي قيام تاريخ ۾ يادگار حيثيت رکندڙ آهي، چي?? ڪميونسٽ پارٽي جي زير قيادت اعتدال پسند، خوشحال معاشري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪ چين ٻه طرفا لاڳاپا سدائين مستحڪم رهيا، پاڪ چين ٻه طرف?? تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيدار مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن