جده – پهرين مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سع??دي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪ?? جي خودمختياري ۽ انه?? جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي، سع??دي عرب پاڪستان ۽ ا?? جي معيشت جي بهتري لاءِ مسلسل حمايت جاري رکندو، سع??دي عرب مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ توسيع ۽ ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ ۽ معاشي ڍانچي جي سڌارن ۾ مدد ڪندو، ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن مسئل?? جي ڳالهه ??ول??ه ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، ٻنهي ملڪن روس ۽ يوڪرائ?? جي تڪرار جي سياسي حل ۽ بحرا?? جي خاتمي جي اميد ظاهر ڪندي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب يمن بحرا?? جي ٺوس سياسي حل جي قدمن، فلسطي?? جي مسئلي جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن موجب ٺوس ۽ منصف??ڻي حل، شام ۾ علائقائي مداخلت کي محدود ڪرڻ ۽ افغانستا?? جي سرزمين کي دهشتگرد گروپ?? جي لاءِ محفوظ پناهه طور استعمال کان بچاءُ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سع??دي ع??ب ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستا?? جي وچ ۾ قائم ويجهي ڀائراڻن لاڳاپ?? جي ڏس ۾ 28 کان 30 اپريل 2022ع تائين سع??دي عرب جو دورو ڪيو. سع??دي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جده ۾ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ٻنهي طرفن ۾ باضابطا سرڪاري ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ قائم تاريخي لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو. ٻطرفن لاڳاپ?? جي ڏس ۾ ٻنهي طرفن سع??دي پاڪستاني سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ذريعي معاملن کي مضبوط بڻائڻ، ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ واپاري مٽاسٽا کي متنوع بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ?? جي نجي شعب?? جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ??ول??ه وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي حقيقي ۽ عملي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سع??دي عرب ان عزم کي ورجايو ته هو پاڪستان ۽ ا?? جي معيشت جي مسلسل حمايت جاري رکندو. ان ڳالهه ??ول??ه ۾ مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب آمريڪي ڊالر جي مدي ۾ توسيع جي ذريعي ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ، پاڪستان ۽ ا?? جي عوام جي مفاد ۾ معاشي ڍانچي جي سڌار?? جي لاءِ مدد جاري رکڻ شامل هو. پاڪستان ڀرپور مدد ۽ حمايت جاري رکڻ تي سع??دي عرب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي طرفان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ سيڙپڪار??ڻي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حصيدارين ۾ اضافي ۽ ٻنهي ملڪ?? جي نجي شعبي جي وچ ۾ گڏجي سيڙپڪاري ڪرڻ جا امڪان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول تيار ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪ?? جي قيادت جي بصيرت جي روشني ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد ۾ صنعت ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ٻنهي طرفن کان سيڙپڪاري فورمز منعقد ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ڪاروباري شعبي ۾ دستياب امڪان سامهون آڻي سگهجن، انهن تي زر ڏنو وڃي ته سيڙپڪاري جي مختلف شعبن ۾ انويسٽمينٽ پارٽنرشپ ڪن، سع??دي پاڪستاني بزنس ڪائونسل جي اجلاس?? جي ذريعي گڏجي ڪم ڪن ته جيئن انهن مشڪلاتن کي ختم ڪيو وڃي جيڪي سيڙپڪارن کي درپيش اچن ٿيون. ٻنهي طرفن کان آجيان ڪئي وئي ته ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار خوراڪ ۽ زراعت جي صنعتن ۾ گڏجي حصيداريون ڪري رهيا آهن. ٻنهي طرفن کان سع??دي عرب جي ويزن 2030ع تحت اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پروگرامز جي ذريعي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دستياب امڪانن بابت تعاون ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ناليوارن پاڪستاني ماهر?? جي تجربي ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪ?? جي معيشتن کي گڏيل طور تي فائدو پهچي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ??ول??ه ڪئي ۽ سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ، افغانستا?? جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن پاران محفوظ پناهه طور تي استعمال ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ڌرين افغانستان تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي فيصلن تي اڳڀرائي جاري رکڻ ۽ انهن تي عملدرآمد سان اتفاق ڪيو ته جيئن افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي ۽ ان ڏس ۾ حمايت جاري رهي. دوري جي پڄ??ڻي تي وزيراعظم پاڪستان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ ڊپٽي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کانسواءِ سع??دي عرب جي حڪومت جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي گرمجوشي ۽ فراخدل??ڻي ميزباني تي ٿورا مڃيا. ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀائر ملڪ پاڪستا?? جي عوام جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي پرجوش جذبن جو اظهار ڪيو.