اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي متحده عرب امارات جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اڳو??ي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان، عوام ۽ متحده عرب امارات جي حڪومت سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر متحده عرب امارات جي اڳو??ي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستاني عوام کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آه??. ڇاڪاڻ جو هو پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست هو. هن چيو ته متحده عرب امارات جي اڳو??ي صدر جي وفات ٻنهي ملڪن جي لاءِ وڏو نقصان آه?? ۽ هو پاڪستاني قوم جي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان متحده عرب امارات جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آه??، مرحوم شيخ خليفه بن زايد النهيان جي پاڪستان لاءِ خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي صدر عارف علوي چيو ته سندس قيادت ۾ پ??ڪستان ۽ متحده عرب امارات جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي تعزيتي دوري تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آه??، هن متحده عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ پ??ڪستاني برادري جي ڪردار کي به ساراهيو.