اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا کي مظلوم ڪشميرين جو آواز بڻجڻ گهرجي ۽ ڀارت والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي جيڪا بازار گرم ڪري رکي آهي، دنيا کي ان کان آگاه?? ڪرڻ گهرجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اها ڪشميرين جي پيغام کي هر ممڪن دستياب فورم تي اٿاري. هو استحصال ڏهاڙي کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف ??ليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ پاڪ چائنا سينٽر ۾ ڊيجيٽل تصويري ۽ فن پارن جي نمائش جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي، ايم ڊي اي پي پي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي پي پي عديله رباب ڪاظمي، ڊائريڪٽوريٽ آف ??ليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جو ڊائريڪٽر آصف الرحمان ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته ڀارت والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ معصوم شهرين تي ڪيل ظلمن کي لڪائڻ ۽ ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پابنديون هڻي رکيون آهن ۽ سوشل ميڊيا کي به بند ڪري رکيو آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان جي ميڊيا تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها مظلوم ڪشميرين جو آواز بڻجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪشميرين تي جاري ڀارتي ڏاڍ جي حوالي سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اهڙو ٺوس معاون نظام جوڙيو وڃي جنهن جي ذريعي مظلوم ڪشميرين جو آواز دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچائي سگهجي. هن چيو ته ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان ٻڌي لڱ ڪانڊراجي وڃن ٿا. هن يو ته ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڪيل ڪيس ۽ قيد جي صعوبتن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي عوام کي رڳو احتجاج ئي ن?? ڪرڻ گهرجي پر هر پليٽ فارم تي ڪشميرين جو ڪيس موثر انداز ۾ وڙهڻ گهرجي. تقريب ۾ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي کانپوءِ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا جي آزادي تي پابندين جي حوالي سان دستاويزي فلمون پيش ڪيون ويون جن ۾ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي تاريخي پس منظر ۽ 5 آگسٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري سيڪريٽري ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن دستاويزي فلمن جي تياري تي ڊائريڪٽوريٽ آف ??ليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي ساراهيو. هن ڊائريڪٽوريٽ تي زور ڏنو ته هُو انهن دستاويزي فلمن جي ذريعي ڪشمير جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۽ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي تڪليفن ۽ مصيبتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سمورن دستياب پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آڻي.