ڪراچي ?? 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چي?? آهي ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي ڪڌي حربن سا?? دٻائي نه ٿو سگهجي، نه ئي ڏاڍ ۽ سختين سا?? ڪشميري ڀائرن جو رستو روڪي سگهجي ٿو. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران والاريل واديءَ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چي?? ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سا?? خطي ۾ امن کي سخت خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن چي?? ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انهن سا?? گڏ بيٺل آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سا?? يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام، ريليون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪري سگهجي ۽ نئين نسل کي ان بابت آگاهي ڏئ?? سگهجي.