اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قلعه عبدالله ضلعي، بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ بلوچستان حڪومت کي امدادي ڪاررواين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي حوالي سان فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سب?? ٻه بند ٽٽڻ ۽ نقصان جي مڪمل ڪ??ٿي کانپوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو جلد قلعه عبدالله جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو پڻ ڪندو. هن هدايت ڪئي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ترجيحي ??نيادن تي محفوظ جاين تي پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي رهائش لاءِ خيما بستين ۽ کاڌي پيتي جي شين جو فوري ان??ظا?? يقيني بڻايو وڃي.