اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حقيقي آزادي جو مطلب بک ۽ غر??ت کان آزادي آهي، معاشي خودمختياري ک??نسواءِ اسان جي آزادي نامڪمل ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته پاڪستان جو قيام هڪ معجزو ۽ 20 هين صدي جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي هئي جيڪا قائداعظم جي متحرڪ قيادت ۽ قربانين جي ڪري ممڪن ٿي. هن ??يو ته مسلمانن کي يقينن تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ??يڻو پيو هو پر انهن جو شڪست ڏيڻ جو عزم ان کان وڌيڪ مضبوط هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان پنهنجي محنت سان حاصل ڪيل آزادي جو 75 هون جشن ملهائي رهيا آهيون، اسان کي غور فڪر ڪرڻ گهرجي ته اسان اڃا تائين ان خواب کي مڪمل ??ور تي پورو ناهي ڪيو جيڪو اسان جي بانين ڏٺو هو. ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ برابر معاشري جو خواب شامل هو. هن ??يو ته وقت اچي ويو آهي ته قوم اهو سمجهي ته حقيقي آزادي جو مطلب ڇا آهي. اهو بک ۽ غر??ت کان آزادي آهي. معاشي خودمختياري ک??نسواءِ اسان جي آزادي نامڪمل ??هي، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا ماڻهو آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوامي پاليسي جو محور انهن جي ڀلائي هجڻ گهرجي.