اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شع??ن ۾ تعاون کي فروغ ??يڻ جا خواهشمند آهن، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فن لينڊ جي لاءِ پاڪستان جي اعزازي ڪائونسل جنرل ولي ايرولا جي قيادت هيٺ فن لينڊ سان تعلق رکندڙ ڪمپنيز جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ فن لينڊ – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ فن لينڊ جي ڪمپنين بائيو وائما، وارسلا ڪارپوريشن، والمٽ ٽي پي ايل ۽ ٽيڪنالاجيز، جي اي اينڊ ميٽرو ڪارپوريشن جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم چ??و ته فن لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شع??ن ۾ تعاون کي فروغ ??يڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ موجوده حڪومت سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن کي مڪل ڪرڻ جي عمل ۾ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۾ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ پراسيس??گ، لائيو اسٽاڪ جي شع??ن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. فن لينڊ جي ڪمپنين جي وفد پاڪستان ۾ توانائي خاص طور تي سولر انرجي، ونڊ انرجي، بائيو گئس، فوڊ پراسيسنگ ۽ زراعت جي شع??ن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پاڪستان ۾ فن لينڊ جو سفير هيني ريپاتي پڻ موجود هئا.