نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جو با??يڊ?? پا??ستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پا??ستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ مت??ثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پا??ستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو با??يڊ?? سان ملاقات ٿي، اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر جو با??يڊ?? پا??ستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ۽ مت??ثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر پاران افسوس ۽ همدردي جي اظهار تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻوڏ مت??ثرين جي مدد لاءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پا??ستان جي حمايت تي آمريڪي صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پا??ستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.