اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وفاقي و??ير ۽ وفاقي حڪومت پاران جوڙيل ??وڏ رليف مانيٽرنگ ڪميٽي جي ميمبر آغا حسن بلوچ چيو آهي?? ته وفاقي حڪومت ??وڏ متاثرن جي بحالي و??ريون ڪوششون، وزيراعظم پاران بلوچستان جو باقاعده دورو ۽ مالي سهڪار تعريف جوڳا قدم آهن. جڏهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ جتي برساتن ۽ ??وڏ سبب 45 سيڪڙو فصل، اناج ۽ 30 سيڪڙو باغن کي نقصان پهتو آهي، روڊ، بنيادي ڍانچي ۽ ٻين ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، جنهن ??اء?? فوري طور تي مالي امداد جي ضرورت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي و??ير ۽ فلڊ رليف مانيٽرنگ ڪميٽي جي ميمبر آغا حسن بلوچ چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٿڌ ج?? موسم شروع ٿيڻ واري آهي، جيڪا متاثرن جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي، چوپائي مال جي وڏي تعداد ۾ مرڻ سبب زنده جانورن ۾ وبا پکڙجڻ جو خدشو وڌي چڪو آهي. هن چيو ته جهل مگسي، لسٻيله، خاران، قلعه سيف الله ۽ پشين ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم بجلي جي بلن جي مد ۾ رليف جو ٻن مهينن جو اعلان ڪيو هو، متاثرن جي نقصان کي نظر ۾ رکندي ان سهولت کي هڪ سال ??اء?? وڌايو ويو آهي.