اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪست??ن ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي ق??بل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ڪميٽي جو وائيس چيئرمين تان گوفو ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ و??يراعظم چيو ته پاڪست??ن ۽ چين جا گڏيل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي ق??بل اعتبار ۽ مثالي رهيا آهن. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پنهنجي گذريل چين جي دوري دوران ڪمپني جي صدر سان ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ڪمپني جي وائيس چيئرمين تان گوفو پاران پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو کي پاڪستان ۾ ق??بل تجديد خاص طور تي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي لاءِ مختلف شيون عطيو ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ و??يراعظم جا خاص معاوني?? طارق فاطمي، ظ??رالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.