اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري ??ي افغانستان جي گادي واري ??هر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب وزير عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عب??دا??له رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر د??ري ??وران افغانستان جي عبوري ??ڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري ??ي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. مملڪتي وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.