ڪراچي – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين ??يو آهي ته ملڪ کي درپيش اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تحريڪ پاڪستان جي جذبي کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ قوم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو سنهري اصول مضبوطي سان پڪڙي. صدر اها ڳالهه مزار قائد جي دوري جي موقعي تي قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت جي موقعي تي پ??هن??ي افتتاحي جملن ۾ چئي. صدر ??يو ته قائداعظم شاندار شخصيت جو مالڪ هو جنهن پ??هن??ي پڪي عزم ۽ مضبوط ارادي سان ڪم وٺندي پاڪستان قائم ڪرڻ جي صورت ۾ تاريخ جو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو.