اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او??ما??ه واقعي ۾ مل??ث دهش??گر?? تنظيمن جا ٺڪاڻا ايران ۾ آهن، تصديق ٿيل اطلاعن کانپوءِ ايران سان معلومات جي مٽاسٽا ??ئي آهي، اسان وٽ ان واقعي جا مخصوص فرانزڪ ثبوت موجود آهي، بارڊر جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ جي لاءِ پاڪ ايران سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ، نئين ڏکڻ ڪمانڊ جوڙڻ، بارڊر سينٽرز ٺا??ڻ ۽ سرحد جي نگراني جي لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس شروع ڪرڻ سميت ٻيا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس دوران او??ما??ه حملي جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته حملي ۾ 14 پاڪستانين کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 پاڪستان نيوي، 3 پاڪ فضائيه ۽ هڪ پاڪستان ڪوسٽ گارڊ جو جوان هو.