اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو و??اقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو و??اقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي منصوبي جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو و??ندو. سيالڪوٽ – کاريان موٽروي سمبڙيال انٽرچينج کان شروع ٿئي ٿي ۽ سيالڪوٽ ۽ گجرات جي ضلعن ۽ جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ويجهو کان گذري ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئي ٿي. ان موٽروي جي پڄاڻي کاريان جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿئي ٿي. 4 لين ج?? ان موٽروي تي 5 انٽرچينجز، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا تعمير ڪيا ويندا. ان منصوبي جي پي سي ون جي لاڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو و??ندو. سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي تعمير ۽ مڪمل ٿ??ڻ سان علائقي جي عوام کي جتي سموريون بنيادي سفري سهولتون ملنديون ات?? انهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ اهي خوشحال ٿ?? مل??ي ترقي تي وڌي چڙهي حصو و??ڻ جي قابل ٿ?? سگهندا. سيالڪوٽ راندين جي مصنوعات جي تياري جي حوالي سان پوري دنيا ۾ شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل موٽروي جي تعمير سان انهن مصنوعات ج?? اندرون ۽ ٻاهرئين مل?? چرپر ۾ مدد ملندي جنهن سان مل?? جي ترقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.