اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪڻڪ/اٽي بابت معاملن جي جاچ لاءِ ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس ما?? جاري نوٽيفڪيشن موجب ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪ??يٽي جو ڪنوينر هوندو، جڏهن ته آءِ بي جي گريڊ 20 کان مٿي جو آفيسر، ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن پنجاب ڪميٽي جا ميمبر هوندا.