اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي معاملي جي انڪوائري وزيراعظم جي حڪم تي شروع ٿي، هن پاڪست??ن جي عوام کان حقيقتون نه لڪائڻ جو واع??و پورو ڪري ڇڏيو آهي، قوم جي صحت جي پئسن تي هٿ صاف ڪندڙن جي پنهنجي صحت بهتر??ن آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو ته هن وقت قومي اتحاد کي چڪنا چور ڪندڙ پاڪست??ن جي عوام جو دوست نه ٿو ٿي سگهي، مخالف ڌر اڳو??ڻ ۽ شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڪرونا زده سوچ جو اظهار وائرس جي خلاف جنگ دوران نه ڪن ته بهتر ٿيندو.