اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون دوران باجماعت نماز جي لاءِ مقرر ڪيل اصولن تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام پاران ذميواري جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ طئي ٿيل 20 نقاطي حڪمت عم??ي جو حوالو ڏيندي ص??ر چيو ته اهو ڪيترو زبردست مثال آهي جتي رياست ??هن??ائي فراهم ڪري ٿي ۽ ماڻهو پاڻ ئي ان تي عمل ڪن ٿا.