اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تا??ا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ??يل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 547 مريضن جا ٽيسٽ ??ثبت آيا ۽ 18 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 899 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 690، پنجاب ۾ 13 هزار 754، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 25، اسلام آباد ۾ 6 هزار 132، بلوچستان ۾ 841 ، گلگت بلتستان ۾ 240، آ??اد ڪشمير ۾ 947 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تا??ين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 26 هزار 674 ٿي چڪو آهي، آ??اد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ??يل هڪ هزار 806 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 234 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 65 هزار 927 آهي.