اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميم??رن جي استعيفائن جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر رولنگ ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ??ه استعيفائن جي تصديق نه ٿي سگهي ان لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جي ضرو??ت نه آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميم??رن مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ ڊاڪٽر محمد سجاد اعواڻ جي استعيفائن جي معا??لي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي رولنگ ۾ چيو آهي ته ٻنهي ميم??رن استعيفائن جي تصديق ناهي ڪئي ۽ ميم??رن پنهنجي استعيفائن کي جعلي قرار ڏنو آهي، مليل استعيفا لاڳاپيل ميم??رن جون ثابت نه ٿي سگهيون، استعيفائن تي ڪارروائي قانون، قاعدي، گائيڊ ۽ لائنز ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ع??لي ۾ آندي وئي.