اسلام ??باد – 18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وز??ر اسد عمر ۽ دفاع وارو وفاقي وز??ر پرويز خٽڪ به شريڪ هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ايوانن جي ايندڙ اجلاسن جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن موجب هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اجلاسن جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي. عوامي مسئلن جي حل لاءِ عوام ??ون نظرون پارليامينٽ ڏانهن آهن. ايوان جي ڪارروائي دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر کي سياسي پختگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.