اسلام آباد – 10 آگسٽ (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائي??ر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نائي??ر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري ??اڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال نائي??ر جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نائي??ر جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري ??عاهدي جي ضرورت آهي. نائي??ر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نائيجر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري ??ظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو خواهشمند آهي. نائيجر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نائي??ر جي دوري جي به دعوت ڏني.