اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي جو حق حاصل ٿيڻ تائي?? انهن جي سي??سي?? اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير چ??و ته اڄ جو ڏينهن گڏيل قومن کان سوال ڪري ٿو ته مظلوم، معصوم ۽ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو شڪار ڪشميرين سا?? انهن جا واعدا ڪڏهن پورا ٿيندا؟ ڪشميرين کي انهن جو حق ڏيارڻ کانسواءِ عالمي ادارا ۽ دنيا پ??ڻ کي مهذب ۽ انصاف پسند چورائڻ جو حق نٿي رکي، ڀارتي فوج جي جنت واري زمين ۾ موجودگي عالمي ادارن ۽ مهذب دنيا جي لاءِ چئلنيج آهي.