اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ??ابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊ??ئو?? دوران ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت رمضان المبارڪ جي مهيني دوران مذهبي سر??رمين لاءِ ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪميٽيون جوڙڻ جو جائزو وٺ?? رهي آهي ۽ مذهبي اسڪالرز، ڪميونٽي اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ انهن ڪميٽين جو حصو هوندا.