اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي روينيو جو موثر استعمال، بهتر مالياتي ۽ قرض ان??ظام، توانائي ۽ مالياتي شعبن ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي ماحول جي بهتري موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ترقياتي مقصد جي لاءِ قرضن جي استعمال جا موقعا ڳوليا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??خت??ف ترقياتي حصيدارن کان ملڪ کي ملندڙ امداد جي حوالي سان ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرئين مالياتي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.