لاهور – 29 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ميڊيا حڪ??ت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. ملاقات ۾ عوام ??ي رليف ڏيڻ جا قدم ۽ عوامي ڀلائي جا منصوبا پڻ غور هيٺ آيا. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار حڪ??متي ڪارڪردگي جي حوالي سان قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندي چيو ته حڪ??مت جي 2 سالن جي ڪارڪردگي ماضي جي 30 سالن جي دور کان تمام ??هڻي بهتر آهي، حڪ??متي قدمن کي بهتر انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ميڊيا جي تعميري تنقيد سان رهنمائي ??لي ٿي. ڪرپٽ عنصرن جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، قومي وسيلن جي غلط استعمال جي اڳوڻي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.