اسلام آباد – 08 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشميرين جي حمايت ۽ ڀارتي ڏاڍ ۽ استحصال جي خلاف جرئتمنداڻو آواز بلند ڪرڻ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون 8 آگسٽ تي ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد پاران ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم کي اجاگ?? ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. ڊاڪٽر مهاتير محمد ٽوئيٽر تي پنهنج?? پيغام ۾ به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ گذريل سال پنهنجي خطاب جو دفاع ڪندي چيو ته ڀارت جي ردعمل ۽ پام آئل جي درآمد متا??ر ٿيڻ جي باوجود هو ڀارت جي قدمن جي خلاف ڳالهه ڪندو ۽ ڀارت جي ناانصافي تي آواز بلند ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيا?? آهي ۽ کيس ڀارت جي خلاف ڳالهه ۾ ڪا شرمندگي نه آهي.