اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ م??ڪي تشخص، تهذيب ۽ ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما انڊسٽري جو ڪردار ۽ سينيما انڊسٽري جي بحالي جي حوالي سان اجلاس هتي منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزي?? سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر ، خاص م??دگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، خاص م??دگار ڊاڪٽر شهباز گل، خاص م??دگا?? سيد ذوالفقار عباس بخاري، سينيٽر فيصل جاويد خان، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي ملڪ ۾ سينيما جي بحالي ۽ م??ڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان سينيما انڊسٽري جي اهم ڪردار جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ سينيما انڊسٽري کي درپيش ??ئلينجز ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.