اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ب??گم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇا??يءَ جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بيماري جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي. اها ڳالهه هن هتي فاطمه جناح پارڪ ايف نائين ۾ ڇا??يءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب جو اهتمام پنڪ ربن ۽ قومي صحت خدمتن ۽ ريگوليشنز واري وزارت ڪيو هو، ان موقعي تي عورت پارليامين??ري?? سميت شاگردياڻين، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ نرسن جو ه?? وڏو تعداد به موجود هو. خاتون اول تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ان واڪ جو مقصد عورتن ۾ ڇا??يءَ جي ڪينسر جي حوالي سان شعور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته عورتن ۾ ڇا??ي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ س??ت ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن بيماري جي سڃاڻپ شروعاتي مرحلي ۾ ٿي وڃي ته ان جو علاج ممڪن ٿيندو آهي ان لاءِ اسان کي ان بيماري ۾ جلد سڃاڻپ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو.