مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي دور ۾ شروع ٿيندڙ 10 ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندا، ماضي جي حڪومتن جلد بازي ۾ معاهدا ڪري آءِ پي پيز مان پئسا ڪمايا، پا??ي، اناج ۽ ماحوليات جهڙا مسئلا ڊيمن جي تعمير سان حل ٿيندا، فوڊ سيڪيورٽي لاءِ اسان مڪمل منصوبا کڻي آيا آهيون، ڊيمن جي تعمير مان 80 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. هو مهمند ۾ مهمند ڊيم جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، اطلاعات ۽ نشريات جو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اسان لاءِ سڀني کان سستي بجلي پيدا ڪرڻ جو ذريعو ڊيم هئا پر ان طرف ڌيان نه ڏن?? ويو، چين ۾ 80 هزار ننڍا وڏا ڊيمن آهن، الله اسان کي پا??ي ڏن?? آهي سڄي ملڪ ۾ ننڍا وڏا ڊيم ٺاهي سگهون ٿا، اسان ديامر ڀاشا ۽ مهمند ٻن وڏن ڊي??ن سميت 10 ڊيمن تي ڪم شروع ڪيو آهي، ان مان سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندا، ماحولياتي تبديلين ۾ پا??ستان سڀني کان اڳتي آهي، هن چيو ته ڊيمن مان 80 لک ايڪڙ زمين پوکي جي قابل ٿيندي، آبادي ۾ اضافي سان فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، ڪڻڪ ۾ پا??ڀيرو ملڪ هجڻ جي باوجود ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو سوچي به نه سگهندا هئاسين پر ڪرڻي پئي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جي وڌيڪ ضرورت آهي، اسان دنيا کي اناج ڏئي سگهندا هئاسين اسان زراعت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان جيڪڏهن قد?? نه کنيا ته مسئلا ٿيندا، اسٽيڊيم کان پشاور کي 300 گلين پا??ي ڏينداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ماضي ۾ ٻاهران قرض کڻي پاور پراجيڪٽ ڪميشن کائڻ جي لاءِ لڳايا ويندا رهيا، اهو آسان طريقو آهي، هن چيو ته انهن معاهدن سان جنهن لاڳت تي بجلي پيدا ٿيندي آهي ان تي صارفين کي نٿا ڏئي سگهون جيڪڏهن قيمتن ۾ اضافو ڪريون ٿا ته ماڻهو گوڙ ڪندا آهن، پا??ستان ۾ 50 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي صلاحيت موجود آهي، پر ان تي ڪ?? نه ڪيو ويو، هن چيو ??ه گردشي قرض جي بنيادي سبب پيداواري لاڳت ۽ وڪري جي اگهه ۾ فرق آهي.