اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي الڪيشن ۾ پي ٽي آءِ جو ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو، ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي جو سدائين ٻي، ٽئي نمبر ۽ مخالف ??ر اڳواڻ جي لاءِ مقابلو رهندو، بلاول صاحب ته گلگت بلتستان ۾ به ائين ئي زودار تقريرون ڪندو رهيو هو اتي به شڪست ملي ۽ آزاد ڪشمير ۾ به منهن لڪائيندو گهمي رهيو آهي، اڄ ٻئي پارٽيون ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيون آهن، ڇا ٻنهي پار??ين جي کٽيل سيٽن تي ڌانڌلي ناهي ٿي؟ بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته ماضي و??نگر چونڊن ۾ به ن ليگ وانگر پي??لزپارٽي به خوب پئسو لڳايو، سندن خيال هو ته اسان کٽي پئسو ٺاهي وينداسين، پي??لزپارٽي پاڪستان ۾ ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪجهه نه بگ??ڙي سگهي، آزاد ڪشمير ۾ به ڪجهه بگ??ڙڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، هن چيو ته بلاول صاحب، ڪهڙين مخالف ??ر پار??ين جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، ٽئين نمبر تي ن ليگ آهي ۽ توهان ته ن ليگ اتحاد کان مرضي سان ڌار ٿيا هئا، هاڻي ڪيئن اڇليل ٿُڪ کي چٽيندا، مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته بلاول صاحب، اهو ٻڌائي ته سنڌ حڪومت ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزير بڻائڻ جو ڪهڙو اگهه آهي؟ هن چيو ته پي??لزپارٽي جيڪڏهن جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندي ته پي ٽي آءِ ان جي آجيان ڪندي.