پشاور – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري درست تجزيو ڪري افغانستان جي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. افغانستان لاءِ امدادي س??مان جي حوالگي جي حوالي س??ن گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان سان اسان جو تمام گهڻو ??ضبوط رشتو آهي، هن وقت افغانستان هڪ ??شڪ?? دور مان گذري رهيو آهي ان لاءِ عالمي برادري ان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ پاڪ افغان دوستي گروپ گهڻو ??وثر ڪم ڪري رهيو آهي. افغانستان جي عوام سان تمام گهڻا پراڻا لاڳاپا آهن. اسان سدائين پنهنجي افغاني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيا آهيون اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هجي. پاڪستان ۽ هتي جي عوام افغانستان جي ترقي چاهي ٿي. پاڪستان جي سرندي وارن ماڻهن کان افغان عوام جي امداد لاءِ اڳتي اچڻ جي درخواست ڪريان ٿو. عالمي برادري افغان مسئلي جو درست تجزيو ڪري عوام جي مدد ڪري. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي.