اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف جي جعلي ميڊيڪل رپورٽ پاڪستان جي قانوني نظام جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، ??ريف فيملي جعلي ميڊيڪل رپورٽس موڪلڻ جو سلسلو بند ڪري، نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي مانهن کي پئسا واپس ڪري. اها ڳالهه هن نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چئ??. ا??لاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف جي حوالي سان هڪ دلچسپ ميڊيڪل رپورٽ هاءِ ڪو??ٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ان رپو??ٽ ۾ واشنگٽن ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شال لنڊن ۾ رهندڙ نواز شريف جي باري ۾ لکيو آهي ته هو دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري نواز شريف جي حالت اهڙي نه آهي ته هو پاڪستان جو سف?? ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پاران آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان ميڊيڪل رپورٽون تيا?? ڪرائي پاڪستان موڪلڻ پاڪستان جي عدالتي نظام ۽ قانونن جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪري، ??ن کانپوءِ هو لنڊن ۾ رهي، ??علي رپورٽون موڪلڻ سان ان جو مقصد پورو نه ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته ر??و??ٽ ۾ صرف اها ئي کوٽ آهي ته نواز شريف کي هائيڊپارڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه آهي، ??ن سان ان جي اسٽريس ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته شريف فيملي جعلي رپورٽس تيا?? ڪرائي پاڪستان موڪلڻ کان پاسو ڪري، ??ريف فيملي قانوني رستو اختيا?? ڪري ۽ پاڪستان جي ماڻهن جو پئسو واپس ڪري. هن چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عدليه اهڙين جعلي رپورٽس جو سختي سان نوٽيس وٺندي ۽ وقار بحال ڪندي.