اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ ڪابينا جو اجلاس ملتوي ڪ??و ويو آهي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف اڄوڪو ڏينهن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن سان گڏ گذاريندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا جوان جن جو عزم ??هاڙن کان بلند ۽ جذبن ۾ سمنڊ کان ??ڌي?? سگهه آهي، اسان جو فخر به آهن ۽ اسان جو مان به، پاڪستان جا اهي پٽ ملڪ لاءِ عظيم آهن.