اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس جي دوران مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون سان معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو، حڪومت جي رليف ۽ قدمن جي ڪري صنعتن ۽ ٻين معاشي سرگرمين تي ڪورونا گهٽ کان ??هٽ اثر انداز ٿيو، پاڪستاني قوم ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي روڪٿام جي قدمن بابت اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، اين سي او سي جو ڪمانڊر ميجز جنرل ظفر اقبال، اين سي او سي آپس ڊي جي ميجر جنرل آصف گورايا ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسين جي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ٿي، هن چيو ته ڪورونا ايس او پي?? تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ عوام جو ڀرپور ساٿ رهيو، وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ جڏهن لاڪ ڊائون جي خلاف ماڻهو رس??ن تي هئا، پاڪستاني عوام صرف ايس او پي?? تي عملدرآمد ڪيو، حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون قدمن ۾ ڀرپور تعاون ڪيو پر ويڪسينيشن ۾ به وڌي چڙهي حصو ورتو. هن چيو ته حڪومت جي رليف ۽ قدمن جي ڪري صنعتن ۽ ٻين معاشي سرگرمين تي ڪورونا گهٽ کان ??هٽ اثر انداز ٿيو، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي قربانين ۽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ خدم??ن تي پوري قوم انهن کي خراج تحسين پي?? ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستاني قوم ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، اجلاس کي ملڪ ۾ اومي ڪرون جي لهر جي حوا??ي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان ??ڏوگڏ عالمي سطح ۽ خطي ۾ ان جي پکيڙ کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي جنوري ۾ اومي ڪرون جي بلند ترين سطح کانپوءِ ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي پر هاڻي به يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان جي ڪيسن جو تعداد سڀني کان وڌيڪ آهي، خطي ۾ هن وقت ڪورونا سبب موت جي حوا??ي سان ??ارت سرفهرست آهي جتي هاڻي به گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ماڻهو روزاني ڪورونا سبب فوت ٿي رهيا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ حڪومت جي ايس او پي?? تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي قدمن جي ڪري اومي ڪرون جي ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي،
ان ??انسواءِ اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته اومي ڪرون سبب بيمار مريضن جي انتهائي نگهداشت ۾ آمد چوٿين لهر جي مقابلي ۾ 71 سيڪڙو گهٽ آهي، 10 فيبروري 2022ع کانپوءِ مثبت ڪيسن جي تعداد ۾ 6.8 سيڪڙو سان ??هٽتائي، اسپتالن ۾ داخلا ۽ انتهائي نگهداشت جي ضرورت ۾ اضافو به نه ٿي رهيو آهي جيڪو مثبت رجحان آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي نئين لهر سبب روزاني سراسري 42 فوتگيون ٿي رهيون آهن، اجلاس کي ڪورونا ويڪسين تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 12 سالن کان ??هٽ عمر جي 15 ڪروڙ آبادي ۾ هن وقت 9 ڪروڙ (58سيڪڙو) ماڻهن کي مڪمل طور ت?? ويڪسين لڳائي وئي آهي جڏهن ته مارچ 2022ع تائين اهو تعداد وڌي 11 ڪروڙ (72 سيڪڙو) ٿ?? ويندو. ان ??انسواءِ 11 ڪروڙ 50 لک ماڻهن کي هڪ ڊوز لڳي چڪو آهي جيڪو مارچ 2022ع تائين وڌي 13 ڪروڙ ٿ?? ويندو، ملڪ ۾ ويڪسينيشن جي هر پاڪستاني محفوظ فيز ون لاءِ هن وقت 61 هزار 329 ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ روزاني 22 لک ويڪسين جا ڊوز لڳايا پي?? وڃن، ويڪسينيشن جو فيز ٽو 7 مارچ 2022ع کان شروع ٿيندو. 12 سالن کان 17 سالن جي 59 سيڪڙو شاگردن کي مڪمل ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ 18 سالن کان وڌيڪ 34 لک ماڻهن کي بوسٽر ڊوز به لڳايو ويو آهي، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ مڪمل آبادي ک?? ويڪسين لڳائڻ لاءِ اسٽاڪ موجود آهي، صوبائي سطح ت?? ويڪسينيشن جي رفتار جي حوا??ي سان پنجاب پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ان ??انپوءِ سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ ٻيا علائقا اچن ٿا، اجلاس ک?? ويڪسينيشن جي حُا??ي سان آئنده جي لائحه عمل ۽ ڪورونا وبا جي دوران فرنٽ لائن هليٿ ورڪرز جي پذيرائي لاءِ به تجويزون پي?? ڪيون ويون. وزيراعظم اين سي او سي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهندي ايس او پي?? تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ويڪسينيشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.