اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع جي ??ڪمل صلاحيت رکي ٿي، پاڪستان ڏانهن جن??ن ميري اک سان ڏٺو ته ان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوندو، چيني ساخته جديد جنگي جهاز خطي ۾ سيڪيورٽي عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي دفاعي نظام ۾ هڪ تمام وڏو اضافو آهي، جيئن جيئن آمدني وڌندي غربت ۾ گهٽتائي ۽ دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، معيشت مضبوط ٿي رهي آهي، ملڪ جو رخ درست آهي، نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، ٻاهر ويٺل پنهنجي باصلاحيت ماڻهن کي واپس آڻي انهن جي خدمتن مان فائدو کڻنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فضائيه ۾ جديد ترين جنگي جهازن جي 10 سي جي شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي،اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين،دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل، بري فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ بحريه جو سربراهه امجد نيازي ۽ پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته تقريبن 40 سال اڳ پاڪ فضائيه ۾ ايف – 16 جنگي جهاز جڏهن شامل ڪيا ويا هئا ته ملڪ ۾ خوشي ڇائنجي ??ئي هئي ته اسان جديد جهازن ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ??لڪ جو دفاع ڪري سگهون ٿا، هاڻي جي ??ين سي جنگي جهازن جي شموليت تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بدقسمتي سان ننڍي کنڊ ۾ عدم توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سيڪيورٽي عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي دفاعي نظام ۾ هڪ تمام وڏو اضافو ٿيو آهي، چين جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪريان ٿو ته ان 8 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ اهي جنگي جهاز اسان کي فراهم ڪيا آهن، وزيراعظم چيو ته اسان جي ??ٿياربند فوج ۾ هڪ جديد سوچ اچي چڪي آهي، مستقبل جي ??ار فيئر ۾ ٽيڪنالاجي تي خاص طور تي زور ڏنو ويندو. ملڪي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏئي ڪري اسان پنهنجي ??لڪ کي ترقي ڏئي سگهون ٿا، ان جي ??اءِ اسان ٽيڪنالاجي زون قائم ڪيو آهي، هڪ يونيورسٽي به ٺاهي رهيا آهيون، جتي جديد ٽيڪنالاجي جي سهو??ت هوندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان لحاظ کا?? خوش قسمت آهي ته هر شعبي ۾ باصلاحيت ماڻهو موجود آهن، پر ان مان ڪيترائي اڃان ملڪ کا?? ٻاهر آهن، جيئن جيئن معيشت مضبوط ٿي رهي آهي ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان جو رخ درست ٿي رهيو آهي، اسان نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا اهيون، انشاءُ الله اهو سڄو ٽئلينٽ به اسان کي دستياب ٿيندو، اسان ملڪ ۾ هر قسم جو معياري ادارو ٺاهي سگهون ٿا، جيئن جيئن ملڪ ترقي ڪندو اسان ٻاهر ويٺل پنهنجي باصلاحيت ماڻهن کي واپس آڻي سگهنداسين، وزيراعظم چيو ته قوم پاران پنهنجي ??ٿياربند فوج کي پيغام آهي ته اسان کي پنهنجي ??ٿياربند فوج تي پورو اعتماد آهي ته هو ملڪ جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو به پاڪستان ڏان??ن ميري اک سان ڏسندو ته ان کي پتو هجڻ گهرجي ته ان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پلواما کا??پوءِ جڏهن بالاڪوٽ تي حملو ٿيو ان کا??پوءِ پاڪستان جهڙي طرح جو رد عمل ڏيکاريو ان سان سڄي دنيا کي اهو پيغام ملي ويو ته اسان پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي ??وري صلاحيت رکون ٿا، جڏهن قوم هٿياربند فوج جي ??ويان بيهي ته ان جي طاقت بڻجندي آهي جڏهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي سوچ هڪ هجي ته پوءِ اها مضبوط ٿيندي آهي، وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ هڪ مشڪل جنگ وڙهي آهي، عراق ۽ شام جا مثال اسان جي سامهون آهن ته اتي ڇا ٿيو، ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، پرا سان جي ??ٿياربند فوج ۽ عوام جهڙي طرح حالتن کي منهن ڏنو دنيا کي ان مان خبر پئجي ??ئي آهي ته پاڪستان پنهنجي حفاظت ڪري سگهي ٿو، جنگي جهازن جي ??ضائي مظاهري سان مون کي يقين ٿي ويو آهي ته ڪو به اسان جي ??ٿان ڪنهن به قسم جو ڪو به دٻاءُ نٿو وجهي سگهي، آزاد ملڪ صرف ان صورت ۾ آزاد ۽ خوددار رهي سگهي ٿو جڏهن هو پنهنجي حفاظت ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ رڪارڊ ٽيڪس وصولي ٿي آهي، جهڙي طرح اسان جي ??يڪس وصولي ۽ روانگي واپار وڌي رهيو آهي، مٽاسٽا جي ??اڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ آمدني وڌي رهي آهي جيئن جيئن اسان جي آمدني وڌندي ته اسان ٻن معاملن تي وڌيڪ خرچ ڪنداسين، اسان جي ??هرين ترجيح ملڪ ۾ غربت گهٽ ڪرڻ آهي ۽ غريب طبقي تي خرچ ڪرڻ آهي، ترقي يافته ملڪ ۾ به يونيورسل هيلٿ ڪوريج ناهي ڏني ويندي، اسان 10 لک روپين جي ??يلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، احساس پروگرام شروع ڪيو آهي، جيئن جيئن آمدني وڌندي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، اصل طاقت اها هوندي آهي ته جنگ وڙهڻي ئي نه پوي ۽ دشمن کي خبر هجي ته ان وٽ پنهنجي تياري آهي ته جيڪڏهن هو جارحيت ڪندو ته ان کي تمام وڏو نقصان ٿيندو، غربت ۾ گهٽتائي ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ اسان جي بجيٽ ترجيحن ۾ شامل هوندو، تقريب کي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به خطاب ڪيو. ان کا?? اڳ منهاس ايئر بيس ڪامره اچڻ تي پاڪ فضائيه جي سربراهه وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزيرن جي آجيان ڪئي، وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي، بعد ۾ وزيراعظم جي ??ين سي جنگي جهازن جو معائنو به ڪيو ۽ انهن جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ۽ ان جي خصوصيتن جي حوالي سان معلومات حاصل ڪئي.