اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اعليٰ تعليم جاري رکڻ ۾ سهولتو?? ڏيڻ لاءِ خصوصي تعليمي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ علامه اقبال ??وپن يونيو??سٽ?? اسلام آباد بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه اقبال ??وپن يونيو??سٽ?? جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ يونيو??سٽ?? جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر نوجوانن کي روزگار جي قابل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ضرورتن تي زور ڏنو. هن چيو ته علامه اقبال ??وپن يونيو??سٽ?? کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن ??ائ??ن ۽ فاصلاتي تعليم جي طريقن جي ذريعي پنهنجي پهچ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يونيو??سٽ?? جي انتظاميه تي زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه اقبال ??وپن يونيو??سٽ?? جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه اقبال ??وپن يونيو??سٽ?? پنهنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ذريعي پنهنجي آپريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علامه اقبال ??وپن يونيو??سٽ?? پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين يونيو??سٽ?? آهي جنهن اپليڪيشن جو هڪ جامع نظام شروع ڪيو جنهن يونيو??سٽ?? جي سڀني تعليمي،انتظامي ۽ مالياتي عمل کي خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صدر يونيو??سٽ?? پاران کنيل قدمن خاص طور تي اداري جي پهچ ۽ ڊجيٽ??ائ??زيشن کي وڌائڻ جهڙي قدمن کي ساراهيو.