اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي اڄ 28 اپريل کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، دوري دوران وزي??اع??م جو سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪا??ي لاڳاپن کي ??ڌي?? اڳتي وڌائڻ، سعودي عرب ۾، پاڪستاني افرادق قوت لاءِ نوان موقعا پ??دا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيلن موجب هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزي??اع??م جو اهو پهريون ٻاهرين ملڪ جو دورو هوندو. دوري ۾ ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزي??اع??م سان گڏ هوندو. ان دوري دوران وزي??اع??م سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ڪندو ۽ خاص طور تي ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪا??ي لاڳاپن کي ??ڌي?? اڳتي وڌائڻ ۽ سعودي عرب ۾، پاڪستاني افرادي قوت لاءِ نوان موقعا پ??دا ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل اعتماد، افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي مستقل روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام، خادم حرمين شريفين کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهي گڏيل تعا??ن، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي. سعودي عرب ڄمون ۽ ڪسمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو ميمبر آهي، سعودي عرب ۾ رهندڙ 20 لک کان ??ڌي?? پاڪستاني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جو تسلسل، ٻطرفي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي ظاهر ڪري ٿو، وزي??اع??م جي سعودي عرب جي دوري سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ڌي?? مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري کي ??ڌي?? سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي.