اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد دوست آهي. سي پيڪ جي صورت ۾ چين جي ت??اون کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ڊگها ۽ وسيع آهن، چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن سان ڳالهائيندي ??يو?? هن چيو ته پاڪستان چين دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، پاڪستان کي هر شعبي ۾ چين جي ت??اون جي ضرورت آهي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ چين بي مثال ترقي ڪئي آهي، خاص طور تي زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چين جي مدد گهربل آهي، وزيراعظم چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ چين جي ت??ربن مان فائدو حاصل ڪنداسين. صنعتي شعبي ۾ ترقي ل??ءِ پاڪستان جي ت??ربن مان فائدو وٺڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته سڀني چئلينجن مان سٺي طريقي سان نڪرنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سي پيڪ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اهم منصوبو آهي، سي پيڪ جي صورت ۾ چين جي ت??اون کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. چين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندو. هن چيو ته چين پاڪستان جو سڀني کان وڌيڪ اعتماد جي قابل دوست آهي. پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا ڊگها ۽ وسيع آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.