گلگت/اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هاءِ اسڪول نمبر 1 گلگت ۾ ٻارن کي ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾ لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪيو، صدر ??سڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪمپيوٽر پروگرامنگ، ويب ڊولپمينٽ جي تربيت ڏيڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪئي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گلگت ۾ ڪيمپ جي دوري دوران صدر کي ٽيڪنالاجي ڪيمپ ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو، شروعاتي طور تي 30 سرڪاري اسڪولن جي 1500 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بنيادي ٽيڪنالاجي ۾ تربيت ڏني ويندي، ايندڙ مرحلي ۾ ان اهم پروگرام کي 130 سرڪاري اسڪولن تائين سگهه ڏني ويندي، صدر ??نفارميشن ٽيڪنالاجي جي مهارت حاصل ڪندڙ شاگردن جي حوصلا ??فز??ئي ڪئي، هن گلگت ۾ ٽيڪنالاجي بوٽ ڪيمپ جو باقاعده افتتاح به ??يو.