اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي عورتن کي سفارتڪاري کي بطور ڪيريئر چونڊ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سفارتڪاري ۾ عورتن جي شموليت پائيدار ترقي، امن ۽ جمهوريت ح??صل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار ه?? سفارتڪاري ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اڄ اسا?? سفارتڪاري جي سمورين سطحن تي عورتن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت کي فروغ ڏيڻ جو وچن ڪريون ٿا، س??ي دنيا ۾ عورتو?? سفارتڪارن جي انگ ۾ اضافو حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، عورت سفارتڪارن جي شرح 2018ع ۾ 16 سيڪڙو مان وڌي 2022ع ۾ اٽڪل 22 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني عورت سفارتڪار پرڏيهي وزير کان وٺي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻاهرئين ملڪ سفيرن تائين مختلف عهدن تي ڪم ڪنديون رهيون آهن، عورتن کي سفارتڪاري ۾ اعليٰ فيصلاسازي جي عهدن تي پهچائڻ جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن. صدر چيو ته سفارتڪاري ۾ عورتن جي پهرين عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورتن جي ڪاميابين ۽ خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا. سازگار ماحول جي فراهمي سان اهم سفارتڪاري ۾ عورتن جي شرڪت ۽ نمائندگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن چيو ته صنفي تعصب جون مضبوط پاڙون اڃا به عورتن جي پيشيواراڻي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هي پاڪستان ۽ س??ي دنيا ۾ پائيدار ترقي ۽ امن سان گڏوگڏ جمهوريت جي حاصلات لاءِ اسان جي رفتار کي تي?? ڪندو. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته صحيح حوصلا افزائي ۽ سازگار ماحول جي فراهمي سان اهم سفارتڪاري ۾ عورتن جي شرڪت ۽ نمائندگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.