اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان کي وسيع سيڙپڪاري جي ذريعي ايشيا جو صنعتي مرڪز بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان رائل نووا پرائيويٽ لميٽيڊ جي باني شاهه ۽ چيئرمين جي صلاحڪار شيخ خالد محمد سلمان الخليفه بحريني ڪمپ??ين جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ بحريني وفد جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن خاص طور تي صحت، سياحت، هوٽل، مهمان نوازي، ها??وسنگ، زراعت، خوراڪ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موجود سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان خطي ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ، نوجوان آبادي، هنرمند افرادي قوت، بي شمار قدرتي وسين ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي ڪ??ي سيڙپڪاري جي لاءِ مثالي جڳهه آهي. بحريني وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي بي شمار موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ هن ايندڙ 6 مهينن ۾ هوٽل اينڊ ها??پيٽليٽي ۽ ها??وسنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي شروعات جو اشارو ڏنو. ان کانسواءِ هن زراعت، ماهيگيري ۽ ڪنسٽرڪشن جي شعبن ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪرن جي لاءِ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي بحريني سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ سمورا وسيلا بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌ??ي سالڪ حسين، واپا?? واري وفاقي وزير ??يد نويد قمر، ها??وسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ??بدالواسع، منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.