واشنگٽن -05 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ملڪ ۾ آيل ٻوڏکي ??ڏي تباهي قرار ڏيندي چيو ??هي، ته ماحولياتي تبدي??ي جي وڏي پئماني تي تباهه ڪن اثرن کي ??ن??ن ڏيڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي امداد جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن آمريڪي چينل فاڪس نيوز جي پروگرام آن داهل ۾ چئي. هن چيو ??ه پاڪستان کي ??اضي ۾ پڻ قدرتي آفتن جو من??ن ڏسڻو پيو ۽ اسان ان جو مقابلو ڪيو، ان سلسلي ۾ هڪ وسيع نظام جوڙيو ويو پر هلندڙ سال ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي آئي، جنهن لاءِ هي نظام ناڪافي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن رليف ۽ ريسڪيو ??پريشن لاءِ 30 ملين ڊالر امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت ۽ قيادت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ??ه اسان کي امريڪا کان همدردي ۽ يڪجهتي جا پيغام ملي رهيا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ??ه پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي جنهن سبب 1300 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ 3 ڪروڙ 30 لک گهر تباهه ٿيا. سفير چيو ??ه رليف اينڊ ريسڪيو لاءِ کاڌي پيتي، پناه گاهن، دوائن ۽ خيمن تي ٻڌل امداد لاءِ فضائي ڪوريڊور يا فضائي پل قائم ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته هي انتهائي فوري ضرورت جون شيون آهن، اسان کي انساني جانين کي بچائڻو آهي ان لاءِ انهن شين تي ٻڌل امداد جي آجيان ڪنداسين. مسعود خان چيو ??ه آمريڪي اداري يو ??يس ايڊ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي جائزو وٺي رهيو ??هي. ان کان علاوه هتي ڪيترين ئي تنظيمن طرفان پڻ پاڪستان لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد موڪلي پئي وڃي.