نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن ??ي سي اي او اسڪاٽ ناٿ?? سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ??فيس موجب بلاول ڀٽو زرداري اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ ملاقات ۾ نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ توانائي، زراعت کانسواءِ موسمياتي تبديلي?? سان مقابلي جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معيشت ۽ عورتن جي خودمختياري پاڪستان جي اولين ترجيح آهي. هن اسڪاٽ ناٿن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.