اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ بحران کي منهن ڏيڻ ۾ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ عمل?? قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي ت?? عالمي اڳواڻن سان انهن جي رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ت?? عالمي برادري پاران پاڪستان سان وڏي پئماني تي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪي?? پيو وڃي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آه?? ته دنيا يڪجهتي جي ان اظهار کي عمل?? قدمن جي شڪل ڏي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي.