ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته ??کر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري ??نڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين، اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ??نڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ??کر حيدرآباد موٽروي قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدرآباد ۾ اهم ترين جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ ??نڌ سيد مراد علي شاهه، سيڪريٽري مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، اين ايچ اي اختياريون، موٽروي پوليس ۽ بين ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ??کر حيدرآباد موٽروي جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ ??نڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گ??يل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ اين ايچ اي اختيارين ??نڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته موٽروي پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. ??نڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين ايچ اي جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته ??نڌ ۾ ٻوڏ سب?? وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوبائي ۽ قومي شاهراهه شديد متاثر ٿيا آهن جن جي بحالي لاءِ گ??يل ڪوششن جي ضرورت آهي. مواصلات و??ري وفاقي وزير چيو ته ??کر حيدرآباد موٽروي جلدي تيار ڪري ??نڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي شاهراهن جي بحالي اين ايچ اي جي پهرين ترجيع آهي ۽ اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. مولانا اسعد محمود چيو ته سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون پر انهن ڪوششن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گ??يل ڪوششن سان ان ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موٽروي پوليس الرٽ آهي.